گهوٽڪي ۾ 728 پولنگ اسٽيشنون قائم،شفاف چونڊون ڪرائڻ جو عزم

گهوٽڪي (ن س )ضلعي گهوٽڪي ۾ عام چونڊن جون تياريون، 728 پولنگ اسٽيشنون قائم ٿينديون، 9 لک 10 هزار ماڻهو ووٽ ڏئي سگهندا، ڊي ايڇ او کي هيلٿ ايمرجنسي پلان تيار ڪرڻ جو حڪم، ٽريننگ سيشن ۾ شامل نه ٿيندڙ ملازمن خلاف اليڪشن ڪميشن ڏانهن رپورٽ اماڻڻ جو فيصلو. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر/ ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر گهوٽڪي آغا شير زمان جي صدارت هيٺ سندس آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ عام چونڊن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايس ايس پي انور کيتران ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر پرويز ڪلهوڙو سميت 2 قومي ۽ چئني صوبائي تڪن جي ريٽرننگ آفيسرن، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر توڙي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر/ڊي آر او خطاب ڪندي چيو ته عام چونڊن دوران ضلعي جي 9 لک 10 هزار 662 ووٽرن لاءِ 728 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون وينديون جن مان 200 مردن ۽ 200 عورتن لاءِ مخصوص جڏهن ته 328 گڏيل هونديون. اهڙي ريت ضلعي ۾ ڪل 2620 بوٿ قائم ڪيا ويندا جن ۾ 1381 مردن لاءِ ۽ 1239 عورتن لاءِ مخصوص هوندا. هن چيو ته عام چونڊ دوران 728 پرزائيڊنگ آفيسر، 5240 اسسٽنٽ پرائزڊنگ آفيسر، 2620 پرزائڊنگ آفيسرن سميت ڪل 9 هزار 316 ملازم فرض ادا ڪندا جن کي سکيا فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت نه ڪندڙ ملازمن خلاف اليڪشن ڪميشن ڏانهن رپورٽ اماڻي ويندي، صاف شفاف چونڊ ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن جا عملدار پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي هن ڊي ايڇ او کي هدايت ڪندي چيو ته عام چونڊ دوران هيلٿ ايمرجنسي پلان تيار ڪيو وڃي، سموريون ايمبولينسون مڪمل طور فعال هجڻ گهرجن ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو عذر قبول نه ڪبو. هن سيپڪو عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته جن پولنگ اسٽيشن تي بجلي جي سهولت ناهي اتي بجلي جا ڪنيڪشن فراهم ڪيا وڃن. هن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقي جي ٽرانسپورٽرن سان گڏجاڻيون ڪري ٽرانسپورٽ پلان تيار ڪري رپورٽ فراهم ڪن. ان موقعي تي ايس ايس پي انور کيتران ڳالهائيندي چيو ته 15 جنوري تائين عام چونڊن جي حوالي سان سمورو سيڪيورٽي پلان مڪمل ڪيو ويندو, ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر آهي ان باوجود ضرورت محسوس ٿي ته نجي ڪمپنين کان به سيڪيورٽي عملو طلب ڪري وٺنداسون ڇو ته پوري سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊ ٿيڻ سبب اضافي نفري ملڻ مشڪل آهي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر پرويز احمد ڪلهوڙو ڳالهائيندي چيو ته عام چونڊن دوران فرض ادا ڪندڙ عملي کي سکيا فراهم ڪئي پئي وڃي، سمورن ادارن کي گهرجي ته هو تعاون ڪن ۽ ملازمن کي پابند بڻايو وڃي ته سکيا واري عمل ۾ لازمي طور شرڪت ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارش ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو