5 جنوري تي ذوالفقار ڀٽو جي سالگرهه جون تقريبون سموري سنڌ ۾ ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ پاران 5 جنوري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگرهه تقريبون سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙي پاران ڪيو ويو آهي. هن چيو آهي ته 5 جنوري تي شهيد ڀٽو جي 96 هين سالگرهه جون تقريبون سنڌ جي سڀني ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ وڏي پئماني تي ٿينديون. ان ڏس ۾ پارٽيءَ جا سڀئي ضلعي صدر ڀرپور نموني سالگرهه تقريبون منعقد ڪن ۽ سالگرهه تقريبن ۾ ڪيڪ ڪٽيا ویندا ۽ شهيد ڀٽو کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته هر ضلعي ۾ ٿيندڙ سالگرهه تقريبن ۾ ضلعي، تعلقي، يوسيز ۽ وارڊ سطح تائين سڀئي پارٽيءَ جا عهديدار، سڀئي بلدياتي نمائند، اڳوڻا ايم اين ايز، اڳوڻو ايم پي ايز جڏهن ته پارٽي جا سينيٽر، سي اِي سي، فيڊرل ڪائونسل جا ميمبر، ميئر، ڊپٽي ميئر، ضلع ڪائونسلن جا چيئرمين، وائيس چيئرمين، چونڊن لاءِ ٽڪيٽ جا خواهشمند اميدوار سڀني ذيلي ونگن جا عهديدار ۽ پارٽي ورڪر پنهنجي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائین. هن چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽُو جي ڦاسيءَ تي ريفرنس جي ٻڌڻي جنوري تي مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو ان لاءِ اسان کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ کي عدالتي قتل قرار ڏئي تاريخ ۾ درستگي ڪندي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ ملڪ کي متفقه آئين ڏيندڙ شهيد ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئی ۽ مارشلائن کي تحفظ ڏئي آئين ٽوڙڻ وارن کي اختيار ڏنا ويا هئا جيڪا زيادتي هئي ان لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ملڪ جو عوام شهيد ڀٽو جي بينگاهه خون جو انصاف چاهي ٿو ۽ اميد آهي ته معزز عدالت انصاف جي ٻڌل فيصلو ڏيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي خلاف ٺهندڙ اتحاد ڪا نئين ڳالهه ناهن اهي اتحاد شهيد ڀٽو جي دور کان بڻجندا رهيا آهن. هن چيو ته 18 هين ترميم سبب آئين سان ڇيڙڇاڙ ڪندڙن کي آرٽيڪل 6 جو مرتڪب قرار ڏئي جمهوري حڪومت کي گهر موڪلڻ جو رستو بند ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اِهي اتحاد 18 هين ترميم، صوبائي خودمختياري جي خاتمي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي خلاف آهن پر اهڙن اتحادن جو اِهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ليول پليئنگ فيلڊ جي پرواهه ناهي، اسان جي ليول پليئنگ فيلڊ عوام آهي ان لاءِ ڪنهن به جماعت سان اتحاد نه ڪنداسين ۽ پنهنجي پليٽ فارم تان چونڊون وڙهنداسين ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي وزيراعظم بڻائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو