پشاور )ن س )پشاور ۾ پوليس تي حملن سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث 3 انتهائي گهربل ڦورو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر پشاور ميان سعيد موجب ڏوهاري عنصرن خلاف ”آپريشن اسٽريٽ فائٽ“ شروع ڪيو ويو آهي.ميان سعيد ٻڌايو ته آپريشن پشاور جي علائقن ڦنڊو، فقيرآباد، پهاري پوره ۽ پشتخره ۾ ڪيو ويو.هن چيو ته آپريشن اسٽريٽ فائٽ جي پهرين ڏينهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل جوابدار انتهائي گهربل ۽ خطرناڪ موبائل فون ڦريندڙ هئا.ميان سعيد موجب مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار جي بلٽ پروف جيڪٽ ۽ سرڪاري گاڏي تي گوليون لڳڻ سبب نقصان پهتو.هن ٻڌايو ته جوابدار ڦرلٽ، مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ۽ پوليس تي حملن جي واقعن ۾ ملوث هئا.سي سي پي او پشاور موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ڦريل موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس موجب مقابلي دوران هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو، جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.










