3 ڊسمبر ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملھائڻ جو اعلان

حيدرآباد (ن س )قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي تہ قومي عوامي تحريڪ پاران 3 ڊسمبر ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملھائڻ جو اعلان، سنڌي اليڪٽرانس ۽ پرنٽ ميڊيا پاران نڪرندڙ ريلن ۾ قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ڀرپور نموني شرڪت ڪندا. اشرف پليجي چيو تہ 3 ڊسمبر تي ايڪتا ۽ ثقافتي ڏينھن ملھائي پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي ۽ ڪرپشن خلاف نئين عزم سان جدوجھد جي ميدان ۾ لھڻ جو وچن ڪيو وڃي. اشرف پليجي چيو تہ سالن کان سنڌ ۾ ملھايو ويندڙ ثقافتي ڏهاڙو، سڄي سنڌ کي گڏي ٿو.سنڌ جا نوجوان، ٻارڙا ۽ نياڻيون ھي ڏينهن ملهائڻ نڪرن ٿا.سنڌ جي ھڪڙي يونٽي جو، گڏيل ساٿ جو، گڏيل جذبي جو ۽ سنڌ کي ھڪڙي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏڻ جھڙو پيغام ملي ٿو. اشرف پليجي چيو تہ ھن سال 3 ڊسمبر تي، سڄي سنڌ جيڪو ڏينهن ملھائي، اھو ڌاري آبادڪاري جي نيڪاليءَ جو ڏينهن، امن جو ڏينهن، سر سبز سنڌ وارو ڏينهن ملھائي. سنڌ تعليم واري کپي، سنڌ ڌاري آبادڪاري کان پاڪ کپي، سنڌ سر سبز کپي ۽ سنڌ برابري واري کپي. اشرف پليجي چيو تہ علم، امن، ميرٽ، صحت، شفافيت ۽ احتساب ۾ سنڌ جي بقا آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداري جي ڌرتي آھي، شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو