27ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو افسوسناڪ ڏينهن هو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 27ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو افسوسناڪ ڏينهن هو، ان ڏينهن تي شهيد بي بي کي ڪروڙين چاهيندڙن کان ڌار ڪري جمهوريت جي آواز کي هميشه لاءِ بند ڪيو ويو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بي بي جي شهادت سان نه رڳو پاڪستان پر عالم اسلام لاءِ نه پورو ٿيڻ جوڳو نقصان آهي.هن چيو ته 27 ڊسمبر تي عوام جي حقيقي آزادي ۽ رياست جي مضبوطيءَ لاءِ وڙهندڙ بهادر عورت کي شهيد ڪيو ويو.ميئر ڪراچي چيو ته شهيد بي بي عوام جو ڪيس وڙهڻ لاءِ وطن واپس آئي هئي. هن چيو ته جيالا شهيد بي بي جي مشن کي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پورو ڪرڻ جو عزم ڪن ٿا.مرتضيٰ وهاب چيو ته بي بي جو هر ڪارڪن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان وفاداري جو عزم ڪري ٿو.هن چيو ته ملڪ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نظرئي کي اختيار ڪرڻو پوندو، جمهوريت جي مضبوطي ۽ رياست کي آئين ۽ قانون جي ماتحت ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين.مرتضيٰ وهاب چيو ته شهيد بي بي کي جسماني طور اسان کان جدا ڪيو ويو آهي، پر بينظير ڀٽو لکين ماڻهن جي دلين ۾ هميشه زندهه رهندي

پهنجو تبصرو موڪليو