اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته 23 ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙي وينديون، جنهن سان 27 ڪلوميٽرن واري حڪومت ڊاهي پوندي.اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته اڄ جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٻه ڪيس آيا، ٻئي ڪوڙا ڪيس هئا، هڪ ڪيس اعظم سواتي خلاف ۽ ٻيو عمران خان خلاف آهي.هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 10 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران سياسي شخصيتن لاءِ جهاز هلي رهيا آهن. بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته پراسيڪيوٽر دليل ڏيڻ لاءِ چوي ٿو ۽ بعد ۾ جج جي بدلي جو آرڊر اچي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي ڊپ هو ته جيڪڏهن عمران خان اسلام آباد آيو ته اسان کي گهر وڃڻو پوندو، هو چوندا هئا ته 6 مهينن ۾ پاڪستان کي لٽينداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جي جلسي ۾ امدادي خيما ۽ قالين استعمال ڪيا پيا وڃن، پي ٽي آءِ معيشت، گهر ۽ قانون سميت سمورا معاملا غرق ڪري ڇڏيا آهن.










