190 ملين پائونڊ ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ سان ختم ٿي ويندو

190 ملين پائونڊ ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ سان ختم ٿي ويندو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ سان ختم ٿي ويندو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جا باني چاهين ٿا ته فيصلو جلدي ٻڌايو وڃي ته جيئن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري سگهجي.عليمه چوي ٿي ته پي ٽي آءِ جو باني فيصلو ٻڌي کلڻ لڳو ۽ چيو ته، اسان پنهنجو معاملو الله تي ڇڏي ڏنو آهي،هن چيو ته حڪومت وٽ 190 ملين پائونڊ آهن، پر پي ٽي آءِ جي باني وٽ نه آهن،پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ چوي ٿي ته اسان متفق آهيون ته هن نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو