15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل روڊ اکڙي ويو،ڳوٺاڻڻ جو احتجاج

15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل روڊ اکڙي ويو،ڳوٺاڻڻ جو احتجاج

نئون ڪوٽ (رپورٽر) 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ نئون ڪوٽ گرڙا ٻاه کان ڏيپلو ويندڙ مين روڊ تعميراتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ هنڌان هنڌان ٽٽي ويو هلڪو پٿر ڏامر بجاءِ ڪارو تيل استعمال ٿيڻ سان روڊ ڪجهه مهينن اندر ٽٽي ويندو علائقي واسي فهيم نهڙي ۽ٻيا ان سلسلي ۾علائقي واسين فهيم نهڙي پيارو ڏيسر ۽ٻين احتجاج ڪندي چيو ته 20 سالن کان پوءِ نئون ڪوٽ گرڙا ٻاه کان ڏيپلو ويندڙ مين روڊ جيڪو 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 5 ڪلوميٽر ڪارپيٽ روڊ جنهنجو تعميراتي ڪم گذريل 8مهينن کان شروع ڪيو ويو آهي ٺيڪيدار روڊ تي هلڪو پٿر ڏامر بجاءِ ڪارو تيل استعمال ڪري روڊ جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي اڳيان روڊ ٺهندو وڃي ته پويان کان ٽٽندو پيو وڃي تعمير ٿيل روڊ تي غير معياري مٽيريل جي استعمال سان گوڏي جيڏا کڏا پئيجي ويا آهن هنن چيو ته اسان مسلسل احتجاجي مظاهرا ڪري چونڊيل نمائندن کي روڊ تعمير ڪرڻ تي مجبور ڪيو جنهن جو 15 ڪروڙ رپين جو 5 ڪلوميٽر ٺيڪو ٿيو پر هاڻ ٺيڪيدار غير معياري مٽيريل استعمال ڪري رهيو آهي هنن ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سميت روڊس کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽس وٺي روڊ جو ڪم بهتر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو