122 جوڙن جون اجتماعي شاديون، 50 هزار في جوڙو امداد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي صدر محمد احمد شاهه، پاڪستان هندو ڪائونسل پاران 122 جوڙن جي اجتماعي شاديءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هندو ڪائونسل پاران هر سال ڪامياب شاديون منعقد ڪيون وينديون آهن، سمورن جوڙن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. سمورن جوڙن کي پنجاهه هزار روپيا في جوڙو منارٽي ميرج فنڊ مان ڏنا ويا آهن. اطلاعات ، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير ۽ ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه اجتماعي شادي جي تقريب ۾ بحيثيت مهمان خاص شرڪت ڪئي. هندو ڪائونسل طرفان مسلسل سترهن سالن کان اجتماعي شادين جي تقريب جو اهتمام ڪيو آهي. هن چيو ته اسانجي منسٽري وٽ اقليتن جي ٻارن لاءِ تعليم ۽ ميڊيڪل جا فنڊ موجود آهن، هنڌو ميرج لا موجود آهي پر ان تي عمل نه ٿو ڪرايو وڃي. سمورن اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين. اطلاعات، اقليتي معاملن واري نگران صوبائي وزير چيو ته هندو ميريج لا جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪندا سين، ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ اقليتن تي ڪنهن به قسم جو ظلم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. حڪومت جي رٽ کان وڌيڪ طاقتور ڪو به ناهي. محمد احمد شاهه چيو ته هي دنيا جي سڀ کان وڏي اجتماعي شادين جي تقريب آهي. اسان اقليتن جي حقن لاءِ مثال قائم ڪري ويندا سين. هن چيو ته اهڙا مثال قائم ڪنداسين جن کي ڪوبه تبديل نه ڪري سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو