ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ريلوي کاتي 11 آڪٽوبر کان ڪوئيٽا کان ٽرين سروس بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سي اي او ريلوي طرفان ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪوئيٽا کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ريلوي کاتي 11 آڪٽوبر کان ڪوئيٽا کان اندران ملڪ ٽرين سروس بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ۽ جعفر ايڪسپريس پشاور لاءِ 11 آڪٽوبر تي صبح 9 وڳي رواني ٿيندي. دوزان پل جي مرمت 10 ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ويندي جنهن کانپوءِ ان جي ٽرائل ڪئي ويندي، ٽرائل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 11 آڪٽوبر کان اندرين لاءِ ٽرين سروس بحال ڪئي ويندي.ريلوي اختيارين موجب دوزان پل 26 آگسٽ تي تخريبڪاري جي واقعي ۾ تباهه ٿي وئي هئي، جنهن سبب ٽرين سروس معطل ڪئي وئي هئي.










