ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته 10 سيڪڙو صارفين به بجلي جا بل ادا نٿا ڪن.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته مئي ۽ جون ۾ بجلي جي طلب وڌيڪ هوندي آهي، مئي ۽ جون ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه هئي.هن وڌيڪ چيو ته مئي ۽ جون ۾ مهانگو تيل ٺاهي بجلي فراهم ڪئي وئي.مفتاح اسماعيل چيو ته گذريل حڪومت ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته مارڪيٽون جلد بند ڪيون وينديون، پرويز الاهي جڏهن وڏو وزير بڻيو ته هن مارڪيٽن سان تعاون بند ڪيو.مفتاح اسماعيل چيو آهي ته دڪاندارن جي لابي آهي، اهي مارڪيٽون جلد بند ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا.
