لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان (اين جي سي) 500 ڪلو وولٽ ڪي ٽو، ڪي ٿري، مٽياري ۽ ڪي ڪي آءِ پورٽ قاسم ٽرانسميشن لائين سرڪٽس کي ڪاميابيءَ سان انرجائيز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو بجلي پھچائڻ واري نظام جي مضبوطي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. ڄاڻايل 102 ڪلوميٽر ڊگهي، ڊبل سرڪٽ، ڪواڊ بنڊل ٽرانسميشن لائين ڪراچي جي ويجهو ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽن مان 2,200 ميگاواٽ بجلي پڄائڻ لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي. هيءَ لائين ڪينوپ نيوڪليئر پلانٽن کي موجوده 500 ڪي وي پورٽ قاسم ۽ مٽياري ٽرانسميشن لائين سان ڳنڍيو ويو آهي. ڄاڻايل پروجيڪٽ کي 18.45 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي. انھيءَ منصوبي جي تڪميل سان نيشنل گرڊ جي مضبوطي ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان واڌ ٿيندي. ٽرانسميشن لائين جي انرجائيز ٿيڻ سان ملڪ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ بجلي پھچائڻ وارو نظام مضبوط ٿيندو ۽ ان سان نيشنل گرڊ کي مستحڪم رکڻ، علائقائي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي، جنهن جو سڌو سنئون مثبت اثر قومي معيشت تي پوندو. ڪيتريون ئي ڏکيائيون هوندي به ھيء ڪاميابي توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن)، اين جي سي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ اين جي سي جي مختلف شعبن جن ۾ پراجیڪٽ ڊليوري سائوٿ، ايسيٽ مينيجمينٽ سائوٿ، ٽيليڪام، ايڇ وي ڊي سي سائوٿ، ٽي ايس جي (سائوٿ)، ٽرانسميشن لائين ڊيزائن، مٽيريل پروڪيورمينٽ ۽ مينيجمينٽ، پروٽيڪشن ۽ ڪنٽرول، پاور سسٽم پلاننگ ۽ آءِ ايس ايم او شامل آهن، جن جي گڏيل ڪوششن ۽ تعاون سان پراجيڪٽ جي ڪامياب پڄاڻي ممڪن ٿي. اين جي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر انجنيئر محمد شاهد نظير ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ تي منصوبي ۾ شامل سمورين ٽيمن کي سندن ڪوششن ۽ لگن تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي پاور ٽرانسميشن نيٽ ورڪ جي صلاحيت ۾ واڌارو آڻڻ ۽ لوڊ سينٽرز تائين مسلسل بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.










