اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير ) بجير پاڙي ۾ گهرن جي ڀرسان ۽ بند گهٽي ۾ موجود هاءِ اسڪول جي ننڍڙي گرائونڊ تي انتظاميا جي بنا اجازت،اعتراضن ۽ پاڙي وارن جي سخت احتجاج باوجود ٺيڪيدار تڪراري جڳھ تي ڊگري ڪاليج جو ڪم ٻيهر زبردستي شروع ڪري ڇڏيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ ڪاليج گهرن ۽ آبادي اندر ٺهڻ خلاف ۽ ڪاليج کي شهر کان ٻاهر کليل جڳھ تي منتقل ڪرائڻ لاءِ شهري سراپاءُ احتجاج بڻيل آهن، بجير پاڙي جي رهواسين،شهرين،سياسي سماجي اڳواڻن سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران تڪراري گرائونڊ واري هنڌ تي گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،رهواسين وريام لنجو،اشرف سمون،روشن گرناڻي،صديق بجير،نواز سومرو،عبدالغني بجير،شاهنواز خاصخيلي،عبدالرزاق بجير،احمد علي سانگي،رفيق امين بجير،علي حسن اوٺو،راشد بجير،برڪت بجير،صدام بجير،اعجاز لنجو سميت ٻين گرائونڊ اندر مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،جتي دانهيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته تعلقي لاءِ ڏيڊ سال اڳ ڊگري ڪاليج منظور ٿيو،جنهن کي ٺاهڻ لاءِ ڏيپلو روڊ،مهياري روڊ،ننگر پارڪر باءِ پاس تي انتظاميا لوڪيشن سليڪٽ ڪئي،جنهن کي رد ڪري زوري زبردستي هاڻي اُنهي ڪاليج کي شهر اندر ۽ بجير پاڙي جي گهرن مٿي هاءِ اسڪول جي هڪ ننڍڙي گرائونڊ تي ٺاهيو پيو وڃي،جنهن تي پاڙي سميت سموري شهر جي ماڻهن کي اعتراض آهي،هتي ڪاليج ڪنهن به صورت ۾ فزيبول ناهي،ڪاليج کي 12 کان 15 ايڪڙ زمين کپي ٿي،پر الائي ڇو ايجوڪيشن کاتي سميت ٺيڪيدار هڪ ايڪڙ تي ڪاليج جا چار ڪمرا ٺاهي مستقبل تباھ ڪري رهيا آهن،ڪاليج جي آڙ ۾ سئو سالن کان ويٺل بجير برادري جي ماڻهن کي لڏائڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ هڪ اداري کي هٿ وٺي تڪراري بڻايو پيو وڃي. هنن ڇنڇر تي پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وچ شهر ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو