اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جوڙيل خاص عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن کي 15 سيپٽمبر تائين ڳالهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل شيراز احمد رانجها سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين آڏو پيش ٿيو.پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي حڪم باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي، اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ چيو آهي ته هو سيڪٽر ايڪٽ جي جوابدارن سان فون تي ڳالهائي نٿا سگهن. پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.شيراز رانجها عدالت کي ٻڌايو ته 30 آگسٽ تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه جو حڪم ڏنو ويو پر ڳالهه ٻولهه نه ٿي. عدالت اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان ڳالهائڻ جي حڪم تي 15 سيپٽمبر تائين عمل ڪيو وڃي.










