پاڪستان پاران برطانيا کي پَهَلگام واقعي جي جاچ ۾ شموليت جي دعوت

پاڪستان پاران برطانيا کي پَهَلگام واقعي جي جاچ ۾ شموليت جي دعوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان، والاريل ڪشمير جي علائقي پَهَلگام ۾ پيش آيل واقعي جي جاچ لاءِ برطانيا کي شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم پَهَلگام واقعي تي برطانيا کي جاچ ۾ شموليت جي دعوت ڏني. وزيراعظم واقعي جي اعلي سطحي شفاف ۽ اڻڌري عالمي جاچ آڇ جو عزم ورجايو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته برطانيا کي گهرجي ته پاڪستان ۽ ڀارت سان پنهنجن سفارتي لاڳاپن کي استعمال ڪري، خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ بنا ڪنهن ثبوت جي پَهَلگام واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڀارتي دعويٰ کي سختي سان رد ڪيو.هن زور ڀريو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح ملڪ جي معاشي ترقي آهي ۽ پاڪستان ڪڏهن به اهڙو قدم نه کڻندو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي. وزيراعظم، برطانوي نمائندي کي پَهَلگام واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بابت پڻ آگاهه ڪيو.برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جو چوڻ هو ته برطانيا خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي سان گڏجي ڪم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو