اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ۽ فوجي قيادت کي اي پي سي ۾ سڀني سياسي قيادت کي دعوت ڏيڻ گهرجي. سينيٽر شبلي فراز اسلام آباد ۾ ڳالهائيندي سياسي پارٽين کي ڀارت جي مسئلي تي بريفنگ ڏيڻ بابت چيو ته سڀني پارٽين جي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي جتي پارٽي اڳواڻن کي معاملي تي بريفنگ ڏني وڃي. هن چيو ته اهڙي وڏي مسئلي کي ايتري ننڍي سطح تي آڻڻ سان ان جي اهميت گهٽجي ويندي آهي. شبلي فراز چيو ته هي عطا تارڙ جي سطح جو معاملو ناهي، جيڪڏهن هي معاملو ايترو سنجيده آهي ته پوءِ سڀ ڪجهه اعليٰ سطح تي ڪرڻو پوندو. سينيٽر شبلي فراز وڌيڪ چيو ته بهتر ٿيندو ته اعليٰ ترين عهدن تي ويٺل ماڻهو هن بريفنگ جو حصو هجن.










