نميرا سليم خلا ۾ سفر ڪندڙ پهرين پاڪستاني بڻجي وئي

نميرا سليم خلا ۾ سفر ڪندڙ پهرين پاڪستاني بڻجي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستاني خلاباز نميرا سليم خلا ۾ پهچي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، هوءَ خلا ۾ پهچندڙ پهرين پاڪستاني بڻجي وئي آهي.نميرا سليم 2004ع ۾ قائم ڪيل ورجن گليڪڪ آف ڪيليفورنيا نالي هڪ خانگي خلائي فلائيٽ ڪمپني ذريعي خلائي اڏام لاءِ ڪالهه آمريڪا پهتي.اي پي پي جي رپورٽ موجب گذريل رات پاڪستاني وقت موجب 8 لڳي 40 منٽن تي ورجن گيليڪٽڪ ڪمرشل اسپيس لائنر جو گليڪٽيڪ 04 نالي مشن نيو ميڪسيڪو جي خلائي بندرگاهه کان روانو ٿيو.ان مشن تي نميرا سليم سميت 3 سياحن خلائي سفر ڪيو، جن ۾ برطانوي ايڊورٽائيزنگ ايگزيڪيوٽو ٽريور بيٽي ۽ آمريڪي فلڪياتدان رون روزانو به شامل آهن.خلائي سفر جي مشن ۾ خلاباز زمين جي مدار کان ٻاهر ويا، خلائي جهاز ڌرتيء کان 54.3 ميل مٿي ويا.ورجن گليڪڪ خلائي جهاز جي اندر جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.خلائي سفر کانپوءِ خلائي اڏام رات 9 لڳي 43 منٽن تي زمين تي پهتي. دبئي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ايڊونچرر نميرا سليم 17 سالن کان پنهنجا خواب پورا ڪرڻ جو انتظار ڪيو، هن 2006 ۾ خلائي سفر جي ٽڪيٽ 2 لک ڊالر ادا ڪري خريد ڪئي. ڪامياب خلائي سفر کانپوءِ نميرا سليم پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”خلا کان زمين تائين سفر ڪندي، پهرين پاڪستاني خلاباز، پهرين عورت ڪنواري ڪهڪشان خلاباز،

پهنجو تبصرو موڪليو