دهشتگردن جو سيڪيورٽي فورسز تي حملو، 7 فوجي جوان شهيد

دهشتگردن جو سيڪيورٽي فورسز تي حملو، 7 فوجي جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي ڌماڪي سان اڏايو ويو جنهن ۾ سوار 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، بلوچستان جي ڪڇي ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي مچ وٽ ديسي بارودي مواد يعني آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو، ڀارت نواز پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي هن حملي ۾ گاڏي ۾ موجود سڀ فوجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ صوبيدار عمر فاروق (عمر 42 سال؛ ڪراچي جو رهواسي)، نائيڪ آصف خان (عمر 28 سال؛ ضلعي ڪرڪ جو رهواسي)، نائيڪ مشڪور علي (عمر 28 سال؛ ضلعي اورڪزئي جو رهواسي)، سپاهي طارق نواز (عمر 26 سال؛ ضلعي لڪي مروت جو رهواسي)، سپاهي واجد احمد فيض (عمر 28 سال؛ ضلعي باغ جو رهواسي)، سپاهي محمد عاصم (عمر 22 سال؛ ضلعي ڪرڪ جو رهواسي) ۽ سپاهي محمد ڪاشف خان (عمر 28 سال؛ ضلعي ڪوهاٽ جو رهواسي) شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي جو عمل جاري آهي، ۽ هن بزدلاڻي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز، قوم سان گڏ، بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن، ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته انشاءَ الله، ڀارت ۽ پاڪستاني سرزمين تي ڪم ڪندڙ ان جي پراڪسيز جا ناپاڪ ارادا بهادر سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستان جي بهادر قوم گڏجي شڪست ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو