اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انٽرنيٽ جي سستي ۽ فائر وال لڳائڻ خلاف درخواست تي 3 سيپٽمبر تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سينيئر صحافي حامد مير جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ٽيڪنيڪل ميمبر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.










