سنڌ مٿان هٿرادو طور ڌاڙيل راڄ مڙھيو ويو آهي : چانڊيو

خانواهڻ (ن س) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو, زاھد شنڀاڻي, عامر عمراڻي, ابرار مورائي, فريد خاصخيلي, پريس ڪلب ڪوٽڙي ڪبير پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ت ھٿرادو اسان جي مٿان بدامني ڌاڙيل راڄ مڙھيو ويو آهي ڌاڙيل راڄ کي مڪمل سرڪار جي پش پنائي حاصل آهي اھو ئي سبب آهي رات دير سان ماڻهوَ آزاد ٿيا آهن مان پڇڻ ٿو چاھيان آء جي سنڌ کان ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي کان ت ھي ماڻهوَ ڪنهن ڇڏيا آهن جيڪي ماڻهوَ توهان آزاد ڪرايا آھن جيڪي ڪشمور ڌرڻي ۾ ٻ مغوي آزاد ڪرايا ان جا اغوا ڪار ڇو ن ٿا گرفتار ٿين انهن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ ڇو ن ٿا پيش ڪيو ھي ت سنڌ جي ماڻهن جي جدوجهد آ جيڪي ڪشمور ۾ سنڌ ڌرتي جا وارث سنڌي پاڻ روڊن تي نڪتا آهن جيئي سنڌ محاذ ۽ سائين جي ايم سيد جا پيروڪار ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ھر ڊويزن ھر ضلعو ۽ ھر تعلقي ۾ احتجاج ٿيو آ سنڌ جو شعور ٻاھر نڪري پيو آ اھي ماڻهوَ تڏهن مليا آهن پر سڀ ماڻهوَ ملن مغوي آزاد ٿين گڏو گڏ ڏوھاري اغوا ڪار سھولت ڪار ۽ قاتل قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيو ن ت ھي ساڳئي دھشت گردي آ جيڪا آصف زرداري ڪندو ھو نگران ب ساڳئي دھشت گردي ٿا ڪن چور ڏوھاري ھي سڀ قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيو ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي پاران 17 سيٽمبر تي سکر ۾ ريلي ڪڊي ويندي جيڪا مھانگائي ۽ ڌاري آبادگاري خلاف ھوندي سموري سنڌ کي شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو