حيدرآڀاد(ن س)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڳوٺاڻن تي سڌيون گوليون هلائي بيگناھ ڳوٺاڻن کي شهيد ڪرڻ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي. واقعي جي مذمت ڪجي ٿي فوري طور واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. واقعي جي عدالتي جانچ ٿيڻ گهرجي ته اهلڪارن ڪنهن جي چوڻ تي ڳوٺاڻن مٿان سڌيون گوليون هلايون آهن. جيڪڏهن ڳوٺاڻن مٿان ڪو الزام هو ته ملڪ جي قانون تحت عدالتن ۾ ڪيس هلايو وڃي. پر هن قسم جا واقعا نه صرف انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن پر اهو ملڪ جي مفاد ۾ به نه آهن ايس ٽي پي سربراه مطالبو ڪيو ملڪ جو اعلي عدالت واقعي جو نوٽيس وٺي.
