انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ بابت حڪومت 7 ڏينهن ۾ جواب ڏيندي

انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ بابت حڪومت 7 ڏينهن ۾ جواب ڏيندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽين جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور شروع ٿي ويو آهي.حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽين جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سهولت سان، پارليامينٽ هائوس ۾ جاري آهي.حڪومتي ڪميٽي ۾ عرفان صديقي، رانا ثناءُ الله، خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار شامل آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ مان عمر ايوب، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور، علامه راجا ناصر عباس ۽ صاحبزاده حامد رضا ڪميٽي جو حصو آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي تحريري مطالبا پيش ڪيا، پي ٽي آءِ جي مطالبن جي مسودي تي ڪميٽي جي 6 ميمبرن جي صحيح آهي. مسودي تي عمر ايوب، علي امين گنڊاپور، سلمان اڪرم راجا، ۽ صاحبزاده حامد رضا جا دستخط آهن.تحريڪ انصاف مجموعي طور تي بنيادي مطالبن سان لاڳاپيل 22 مطالبا حڪومت آڏو رکيا آهن، تحريڪ انصاف ٻن انڪوائري ڪميشن جي قيام بابت 5 مطالبا رکيا آهن.تحريڪ انصاف پهرين انڪوائري ڪميشن بابت 9 مطالبا پيش ڪيا جڏهن ته پي ٽي آءِ ٻئي انڪوائري ڪميشن بابت 7 مطالبا پيش ڪيا.

Opposition Negotiations Committee Demand by sindhyarskr on Scribd

پي ٽي آءِ جا لکت وارا مطالبا
وفاقي حڪومت کي ٻه جاچ ڪميشن ٺاهڻ گهرجن جيڪي چيف جسٽس يا سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي مشتمل هجن،ڪميشن کي وفاقي حڪومت جي ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017 تحت قائم ڪيو وڃي. ڪميشن جي ججن جي مقرري پي ٽي آءِ ۽ حڪومت جي گڏيل رضامندي سان 7 ڏينهن اندر ڪئي وڃي.تحريري مطالبي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن 9 مئي تي پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري جي جاچ ڪري. رينجرز ۽ پوليس جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخلا جي جاچ ڪئي وڃي، ۽ پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري کان پوءِ 9 مئي جي واقعن جي سي سي ٽي وي وڊيو جي جاچ ڪئي وڃي.پي ٽي آءِ جي مطالبي ۾ چيو ويو آهي ته ڇا 9 مئي جي حوالي سان ميڊيا تي سينسرشپ لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ صحافين کي هراسان ڪيو ويو هو؟ ڪميشن کي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بندش جي جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ گهرجي.پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته ٻئي ڪميشن کي 24-27 نومبر 2024 جي واقعن جي جاچ ڪرڻ گهرجي.ڪميشن کي انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻ گهرجي جن اسلام آباد ۾ مظاهرين تي فائرنگ ۽ طاقت جي استعمال جو حڪم ڏنو. ڪميشن کي شهيدن ۽ زخمين جي تعداد تي اسپتالن ۽ طبي سهولتن جي سي سي ٽي وي رڪارڊنگ جو جائزو وٺڻ گهرجي.پي ٽي آءِ مطالبو ڪري ٿي ته ڪميشن احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جي زيادتي استعمال جي ذميوارن جي سڃاڻپ ڪري.ڪميشن کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جي جاچ ڪرڻ گهرجي،ڪميشن کي ميڊيا سينسرشپ جي واقعن جي جاچ ڪرڻ گهرجي.تحريري مطالبي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون سڀني سياسي قيدين جي ضمانت منظور ڪرڻ يا سزا معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪن. ٻنهي ڪميشنن جي ڪارروائي عوام ۽ ميڊيا لاءِ کليل هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو