گڊو پاور هائوس کي باهه، سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي بجلي معطل

گڊو (ويب ڊيسڪ)گڊو ٿرمل پاور هاءِ ٽرانسميشن جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي وئي، جنهن سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي معطل ٿي وئي.گڊو ٿرمل پاور هائوس جي اختيارين جو چوڻ آهي ته 500 ڪي وي هاءِ ٽرانسميشن لائين ۾ ڌماڪو ٿيو، ڪوهيڙي سبب فني خرابي پيش آئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه تي فوري طور تي ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب 500 ڪي وي جون 3 لائينون ٽريپ ٿي ويون آهن، گرڊ اسٽيشن ۾ مرمت جو ڪم جاري آهي.گڊو ٿرمل اختيارين جو چوڻ آهي ته فني خرابي سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو