گڊو پاور هائوس، نئون بريڪر وٺڻ ۾ 15 ڏينهن لڳڻ جو امڪان

گڊو(ويب ڊيسڪ)گڊو ٿرمل پاور پلانٽ جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي 48 ڪلاڪن کانپوءِ به بريڪر جي مرمت نه ٿي سگهي.گڊو ٿرمل پاور هائوس ذريعن موجب نئون بريڪر لڳائڻ ۾ 15 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.پاور هائوس اختيارين جو چوڻ آهي ته تيز ڪوهيڙي سبب متبادل هاءِ ٽرانسميشن لائين به ٽريپ ٿي وئي.مٿين متبادل هاءِ ٽرانسميشن لائين ٽريپ ٿيڻ سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 5 ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي معطل آهي.گڊو ٿرمل پاور هائوس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سج لهڻ تائين متبادل هاءِ ٽرانسميشن لائين تان بجلي بحال ڪرڻ مشڪل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو