گوگل ڪروم ۾ خطري جي نشاندهي، ترت اپ ڊيٽ ڪريو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن اوهان به گوگل ڪروم ويب برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو ته فوري طور اِهو اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو.گوگل طرفان دنيا مشهور ترين ويب برائوزر ۾ موجود هڪ وڏي خامي ختم ڪرڻ لاءِ اَپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي.اِها سيڪيورٽي ڪمزوري Skia اوپن سورس 2 ڊي گرافڪس لائبريري ۾ دريافت ٿي آهي ۽ انڪري برائوزر کي ترت اپ ڊيٽ ڪرڻ ضروري آهي. اِها سيڪيورٽي ڪمزوري ڪجهه ڏينهن اڳ گوگل جي Threat Analysis Group( ٽي اي جي) سان ڪم ڪندڙ ٻن ماهرن دريافت ڪئي هئي. گوگل جو چوڻ اهي ته CVE-2023-6345 نالي سيڪيورٽي بگ سبب واهپيدارن جي ڊيٽا کي خطرو آهي. گوگل طرفان سيڪيورٽي ڪمزوري بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا. واضح رهي ته سموري دني ا۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ پنجاهه کان سٺ سيڪڙو ماڻهو برائوزنگ لاءِ گوگل ڪروم کي ترجيح ڏيندا آهن، ان موجود سيڪيورٽي ڪمزوري تمام وڏو خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي. 2023ع دوران گوگل طرفان اهڙي قسم جي ڇهه وڏين سيڪيورٽي ڪمزورين کي دريافت ڪيو ويو جن جي روڪٿام برائوزر کي اَپ ڊيٽ ڪري ڪئي وئي. ڪروم برائوزر کي اَپ ڊيٽ ڪيئن ڪجي؟عام طور گوگل پاڻمرادو اَپ ڊيٽ ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اوهان نٿا ڄاڻو ته برائوزر اپ ڊيٽ ٿي چڪو آهي يا نه ته ٿري ڊاٽ مينيو ڪلڪ ڪري سيٽنگز ۾ وڃو. اتي ابائوٽ ڪروم تي ڪلڪ ڪري جيڪو پيج جي کاٻي پاسي سڀ کان هيٺ هوندو. ان کانپوءِ ڪروم طرفان ٻڌايو ويندو ته برائوزر اپ ٽو ڊيٽ آهي، جيڪڏهن نه هوندو ته اِهو اپ ڊيٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو، ان کانپوءِ بس ري لانچ ڪندا ته ڪروم اپ ڊيٽ ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو