گوگل ويب برائوزر تي نظر ايندڙ ”تالي“ جي حقيقت ڇا آهي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ائين اڪثر ٿيندو آهي ته گهڻي قدر ماڻهون انهن شين جو مطلب ئي ناهن ڄاڻيندا جيڪي هو روزانو ڏسندا آهن. جي ها واقعي گوگل ڪروم ويب برائوزر استعمال ڪندڙ گهڻي قدر ماڻهن کي اِها ڄاڻ ئي ناهي هوندو ته يو آر ايل جي ڀرسان موجود تالي جي آئيڪون جو مطلب ڇا آهي؟ڪارڊف ميٽروپوليٽن يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته 95 سيڪڙو ماڻهن کي ڄاڻ ئي ناهي ته گوگل ڪروم ۾ ٺهيل تالي واري آئيڪون جو مطلب ڇا آهي ۽ ڪجهه سيڪڙو ماڻهو ئي ان بابت ڄاڻن ٿا . گهڻي قدر ماڻهن جو خيال ۾ آئيڪون جو مطلب اِهو هوندو آهي ته برائوزر ۾ اوپن ڪيل ويب سائيٽ محفوظ، اعتماد جوڳي يا مستند آهي. پر اِهو خيال غلط آهي حقيقت ۾ ان آئيڪون ذريعي رڳو اِهو ظاهر ٿيندو آهي ته اوهان جي ڪمپيوٽر مان موڪليل ڊيٽا انڪرپٽڊ آهي ۽ بس. ماهرن موجب اوهان جي ڊيٽا تائين ڪنهن ٿرڊ پارٽي کي پهچ ناهي ملندي پر ان جو مطلب اِهو ناهي ته اِها ويب سائيٽ محفوظ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي آئيڪون ٻڌائي ٿو ته اوهان جي ڪمپيوٽر ذريعي موڪليل ڊيٽا ڪو نه ٿو ڏسي سگهي پر اِها ويب سائيٽ طرفان چوري ڪري سگهجي ٿي، خاص طور جيڪڏهن اِها جعلي يا فراڊ ويب سائيٽ آهي. محققن، تحقيق دوران 18 کان 86 سالن جي عمر 528 ماڻهن کي شامل ڪري گوگل ڪروم برائوزر ۾ ٺهيل تالي واري آئيڪون جو مطلب پڇيو، پر انهن سڀني جا جواب غلط هئا ۽ ڪجهه ماڻهن ئي آئيڪون جي درست وضاحت ڪئي. ماهرن چيو ته گهڻي قدر واهپيدار اِهو آئيڪون ڏسي مطمئن ٿي ويندا آهن ته هو ڪنهن محفوظ ويب سائيٽ تي موجود آهن جڏهن ته ائين ناهي هوندو. اهو ئي سبب آهي جو گوگل ڪروم ۾ تالي واري آئيڪون کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي ٽيون آئيڪون متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن واهپيدار غلط فهمي جو شڪار نه ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو