ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالوجي ڪمپني گوگل جي ميل جو هڪ بهترين فيچر ختم ڪري رهي آهي. اهي جي ميل واهپيدار جيڪي ويب سائيٽ جو ايڇ ٽي ايم ايل بيسڪ ويو استعمال ڪندا آهن انهن کي جنوري 2024ع کان پوءِ اهو فيچر دستياب نه هوندو. ڪمپني جي سپورٽ پيج ۾ پيش ڪيل هڪ نوٽس موجب ان تاريخ کان پوءِ جي ميل جو اسٽينڊرڊ ويو ۾ دستياب هوندو. ايڇ ٽي ايم ايل بيسڪ ويو حقيقت ۾ جي ميل جي 2007ع جي ڊزائين آهي جنهن کي واهپيدار اڪثر سست رفتار واءِ فاءِ تي استعمال ڪندا آهن. ان موڊ تي چيٽ باڪس، اسپيل چيڪ يا ڪانٽيڪٽ امپورٽنگ جهڙا اسٽينڊرڊ ويو فيچر لوڊ ناهن ٿيندا.
