گورنر تي پنهنجي مرضي جو وي سي لڳائڻ جو الزام سليم جو جوابي وار

گورنر تي پنهنجي مرضي جو وي سي لڳائڻ جو الزام سليم جو جوابي وار

پنجاب جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري واري معاملي تي وڏي وزير مريم نواز ۽ گورنر سليم حيدر وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ٻنهي اڳواڻن پاران بيان به سامهون آيا آهن. لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مريم نواز چيو ته گورنر پنجاب يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن جي مقرري تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن پر گورنر پنجاب يونيورسٽي جو وائيس چانسلر لڳائڻ چاهي ٿو.مريم نواز چيو ته مان سڀ ڪجهه ميرٽ تي ڪري رهي آهيان، سفارشون گهڻيون اينديون آهن، ايم اين اي، ايم پي اي سڀ سفارشون آڻيندا آهن پر مان ڪنهن جي نه ٻڌندي آهيان، صبح 9 کان 12 وڳي تائين ڪم ڪندي آهيان.ٻئي طرف پنجاب جي گورنر سليم حيدر ان حوالي سان چيو ته پنجاب حڪومت پاران رد ڪيل سمري ۾ لکيو ويو آهي ته عمل تي آڱريون اٿاريون وڃن ته ٻه ڪروڙ رپيا موڪليان؟هن چيو ته مون کي ڪنهن جو نالو ٻڌايو جنهن کي مان رکڻ چاهيان ٿو، ڇا سڄي پنجاب ۾ اهي ئي ماڻهو آهن جن کي سرچ ڪميٽي ڏني آهي، نه منهنجو نه ڪو جهيڙو آهي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مريم نواز جو اهو به چوڻ هو ته پوليس کاتي ۾ رشوت جي خاتمي لاءِ يونيفارم سان گڏ ڪيمرا لڳايا پيا وڃن، ان يونيفارم کانسواءِ ڪو به پوليس آفيسر ڊيوٽي نه ڪندو.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪيل ڪاررواين دوران وڏا گينگ پڪڙيا ويا آهن، وڏا گينگ پنهنجي خانگي جهازن تي مختلف شڪلين ۾ منشيات آڻيندا ۽ وڪرو ڪندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو