گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم ٻيهر شروع ڪريو: مقبول باقر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو التوا هيٺ ڪم هڪ هفتي اندر ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ اتي ڪم ڪندڙ عملي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ ورڪس اينڊ سروسز کاتي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو منصوبو 4 لين تي ٻڌل پي پي پي تحت 3.4 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي. منصوبي جي ڊيگهه 25 ڪلوميٽر جڏهن ته پل جي ڊيگهه 1.2 ڪلوميٽر آهي. وڏي وزير کي پل تي ڪم جي رفتار بابت بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري ورڪس ٻڌايو ته گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي ٻنهي پاسن کان ڪم شروع ڪيو ويو آهي پر ٻن ملازمن جي اغوا سبب جون 2023 ۾ منصوبي تي ڪم روڪيو ويو هو. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پل سان ڳنڍيل 18.7 ڪلوميٽر روڊن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ اين-55 کان ٺل روڊ کي ڳنڍيندڙ ٺل لنڪ روڊ جو ڪم پڻ 95 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي امن امان جي خراب صورتحال سبب عارضي طور ڪم کي روڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ڪم بند ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان نه رڳو منصوبي جي لاڳت ۾ اضافو ٿيندو پر علائقي جي عوام کي پڻ تڪليف ٿيندي ۽ ان سان گڏ منصوبو پنهنجي افاديت وڃائي ويهندو. جسٽس (ر) باقر چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اتي ڪم ڪندڙ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هڪ هفتي اندر ڪم شروع ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايڊمن بلڊنگ، ٽول پلازه، ٽول ڪليڪٽنگ اسٽاف روم ۽ وي برج جي تعمير لاءِ زمين بابت ڊي سي گهوٽڪي پاران معاوضي جي ادائيگي ۾ دير ۽ زميندارن پاران منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ ڏکيائيون آهن. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو بورڊ آف روينيو (SMBR) جي سينيئر ميمبر سان ڳالهه ٻولهه ڪري زمين جي قبضي بابت معاوضي جي ادائيگي کي يقيني بڻائي ۽ ڪم شروع ڪري.سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته لنڪ روڊ ايم نائن نيشنل هاءِ وي 22 ڪلوميٽر تي ٻڌل چار لين ڊبل ڪيريج وي آهي، اهو منصوبو پي پي پي موڊ تحت 1.96 ارب روپين سان شروع ڪيو ويو آهي. نائن ايم انٽرچينج کان علاوه منصوبي تي 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اهو منصوبو اين ايڇ اي جي سرپرستي هيٺ مڪمل ٿي رهيو آهي. وڏي وزير ورڪس کاتي کي هدايت ڪئي ته هو انٽرچينج جي ڊيزائن جا مسئلا حل ڪري منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو