ڪچي ۾ ڪارروائي، جان محمد جي قاتلن جا 3 سهولتڪار گرفتار

سکر (ن س )پوليس گذريل مهيني سکر ۾ قتل ٿيل صحافي جان محمد مهر جي قاتلن مان 3 کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ايس ايس پي عرفان سمون موجب ڪچي ۾ ڪارروائي دوران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.عرفان سمون جو چوڻ آهي ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي ويجهو پهچي ويا آهن، ڊرون ڪيمرائن ذريعي جان محمد مهر جي قاتلن جي هنڌن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو