ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جو اجلاس، ڪچي ۾ آرمي آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي پوليس رفعت مختار ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، امن مان بابت صوبي جي صورتحال تي سنڌ ڪابينا کي آءِ جي سنڌ رفعت مختار بريفنگ ڏني،آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هلندڙ سال 218 ڄڻا اغوا ٿيا، 207مغوي بازياب ڪرايا ۽11 اڃا يرغمال بڻيل آهن، رفعت مختار چيو ته 11مغوين مان 3 ڄڻا شهيد بينظيرآباد، 7ڄڻا لاڙڪاڻي ۽ هڪ ڄڻو سکر مان اغوا ٿيو هو،آءِ جي سنڌ چيو ته جڏهن مان آءِ جي پوليس جي حيثيت سان چارج سنڀالي ته 57ڄڻا اغوا ٿيل هئا، هاڻي 11 آهن، مغوين ۾ نويد لاشاري جيڪب آباد، ساگر ڪمار ڳڙهي ياسين، قدير، ظهير، گلبهار ۽ شاهد ڪشمور مان اغوا ٿيا، جبار کي سکر، سومار کي حيدرآباد، فرحان ۽ شاهد کي نوشهرو فيروز مان اغوا ٿيا،نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر حڪم ڏنو ته مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ڪچي ۾ انٽرنيٽ سهولت ختم ڪئي وڃي، ڌاڙيلن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، نگران وڏي وزير پاران آءِ جي سنڌ کي مغوين جي خاندانن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي،آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي جي ڪل 4لک آبادي آهي، 238 ڳوٺ آهن ۽ 8 پوليس اسٽيشنز ۽ 20 چيڪ پوسٽون آهن،نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته ڪچي ۾ سٺي ساک رکندڙ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي، وڏي وزير چيو ته جيڪي پوليس وارا سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارين انهن کي هٽايو وڃي، گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم شروع ڪيو وڃي، پل ٺهي وڃي ته علائقو کلي ويندو ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي،سنڌ ڪابينا پاران ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آرمي آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.. سنڌ ڪابينا پاران ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري 6مهينا ڪرڻ جو فيصلو ، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڊرگ مافيا خلاف سخت آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،سنڌ ڪابينا جو چوڻ هو ته آپريشن اينٽي نارڪوٽڪس ڪنٽرول فوس سان گڏجي آپريشن ڪيو ويندو، منشيات جي عادي ماڻهن کي بحالي مرڪزن ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.نگران وڏي وزير جي اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت، جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته شهرين کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي،آءِ جي سنڌ کي اسٽريٽ ڪرائيم جي خلاف فيصلائتو آپريشن ڪرڻ جو حڪم ، سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري 6مهينا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،نگران وڏي وزير چيو ته رينجرز جي مقرري 14 سيپٽمبر کان فيبروري 2024ع تائين هوندي، سنڌ ڪابينا چيف سيڪريٽري سنڌ کي آفيسرن کي ترقي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
