ڪچي ۾ آپريشن،هڪ ڄڻو بازياب، ٻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

ڪچي ۾ آپريشن،هڪ ڄڻو بازياب، ٻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

شڪارپور (ن س) خانپور جي ڪچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پوليس هڪ يرغمالي کي باحفاظت بازياب ورتو آهي جڏهن ته 2 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.خانپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ يرغمالين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي. ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي موجب بازياب ٿيل لاڙڪاڻي جو رهواسي آهي سندس ٻن وارثن محبوب علي ۽ محمد عظيم کي به اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.ايس ايس پي موجب بازياب ٿيل 12 ڏينهن اڳ گھر کان ناراض ٿي ڪشمور پھتو جتان کيس ڏوھاري اغوا ڪري ويا هئا. يرغمالي جو ذهني توازن ٺيڪ نه ھجڻ ڪري اغوا ڪار سندس جي وارثن کي فريب ڏئي اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. يرغمالي کي انڊس ھاءِ وي جي مقامي هوٽل تي ويھاري، وارثن کي گهرايو ويو شڪارپور پوليس انٽيليجنس بيسڊ ڳجهي اطلاع تي يرغمالي کي بازياب ڪرايو، جڏهن ته سندس جي وارثن کي به اغوا کان بچائي ورتو، پوليس لڪي ويٺل اغوا ڪارن جي ڳولا ڪئي پر هو علائقو ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي موجب اغوا ڪارن جي گرفتاريءَ لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو