ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري جي 20 ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا،پنهنجي بيان ۾ رينجرز جي ترجمان چيو ته هٿيار ڦـٽا ڪندڙن ۾ 15 ڏوهارين جو تعلق بجاراڻي ۽ 5 ڏوهارين جو تعلق تيغاڻي برادري سان آهي، ڏوهارين پوليس ۽ رينجرز جي موجودگي ۾ پاڻ کي قانون جي حوالي ڪيو، رينجرز جي ترجمان چيو آهي ته ٻنهي برادرين ۾ پراڻي دشمني هلي رهي هئي، 2 هفتا اڳ رينجرز جي ڪوششن سان ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو ويو،ٻنهي برادرين قانون جو احترام ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، رضاڪاراڻا طور گرفتاريون ڏيندڙن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو،رينجرز ۽ پوليس عملدارن جي اڳيان ميڊيا سان ڳالهائيندي هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڏوهارين جو چوڻ هو ته اسان ڏوهه کان توبهه ڪيون ٿا، برادرين جي سڀني ماڻهن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، اسان امن امان سان رهڻ چاهيون ٿا
