ڪي پي هائوس تي ڇاپو، افسوس جوڳو آهي، اسد قيصر

ڪي پي هائوس تي ڇاپو، افسوس جوڳو آهي، اسد قيصر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته ڪي پي جي هائوس تي رينجرز جو ڇاپو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي.هن چيو ته اسان جي وڏي وزير کي اغوا ڪيو ويو، گرفتار ڪيو ويو، اهو سڄي صوبي جي توهين آهي، علي امين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.اسد قيصر چيو ته حڪومت آئين ۽ قانون جو خيال ناهي رکي، حڪومت صرف زور ۽ دٻاءَ ذريعي معاملن کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي.هن چيو ته جيڪڏهن توهان سوچيو ٿا ته هي حملو ٿيو آهي ۽ ختم ٿي ويندو ته اها غلط فهمي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته علي امين کي اختيار هوندو ته هو پنهنجا فيصلا ڪيئن ڪري.هن چيو ته همت ۽ حوصلي سان صورتحال کي منهن ڏينداسين، اسان پرامن ماڻهو آهيون ۽ پنهنجي حقن تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪنداسين.اسد قيصر وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽنداسين، ترميم کي زبردستي پاس نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو