ڪي اين شاهه ۾ ڪار ڪلٽي، 1 ڄڻو فوت ،4 ڄڻا زخمي

خيرپور ناٿن شاهه: (ن س) نصيرآباد انڊس ھاءِ وي وٽ خڏائي ڪلهوڙا ڀرسان ڪار ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنھن سبب ڪي اين شاهه جو مشھور سون جو واپاري ظفر علي شيخ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 عورتن سميت چار ڄڻا مسڪان، ميھق، رشما ۽ شيراز شيخ سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي.جڏھن ته ضروري ڪارروائي بعد فوتي جي مڙهه کي وارث ڪي اين شاهه کڻائي پھتا، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو