ڪيٽي بندر ۾ مڙس زال تي فائرنگ، اسپتال داخل

ڪيٽي بندر (ن س) ڪيٽي بندر ۾ مڙس فائرنگ ڪري زال کي زخمي ڪري ڇڏيو، مورڇڏائي وٽ ھٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري عورت کي زخمي ڪيو،زخمي عورت رواسيا کي ٻگهاڻ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد مڪلي اسپتال نيو ويو، جوابدار سميع الحق پٺاڻ دوستن سان گڏ پنھنجي زال رواسيا ک ي ڪراچي مان ڪار تي کڻي آيو،جوابدار پنهنجي زال کي مورڇڏائي وٽ پسٽل جا سڌا فائر ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن ۽ پوليس ٻن جوبدارن سميع الحق پٺاڻ ۽ رفيع الله پٺاڻ کي سوگهو ڪري ورتو

پهنجو تبصرو موڪليو