ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خارجي دهشتگرد سرحد پار کان اچن پيا، گنڊاپور

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خارجي دهشتگرد سرحد پار کان اچن پيا، گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته ڪو شڪ ناهي ته فتنو الخوارج سرحد پار کان اچي رهيا آهن.پنهنجي هڪ بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته افغانستان بابت جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون، هاڻي حڪومت به ان پاسي اچي وئي آهي، هن چيو هو ته افغانستان سان ڳالهيون ڪيون، حڪومت هاڻي ڳالهائي رهي آهي.هن چيو ته ڪالهه واري اجلاس ۾ اسان 26 نومبر جي ڳالهه ڪئي، اسان ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ماڻهن جي ريڊ زون ۾ وڃڻ بابت ڪجهه نٿو چئي سگهان.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته هي ماڻهو چون ٿا ته گوليون نه هلايون ويون، ماڻهو زخمي نه ٿيا، ثابت ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو