گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي جي عدالت 48 لک روپين جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري انفارميشن صفدر علي شاهه کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،عدالت اڳوڻي سيڪريٽري انفارميشن صفدر علي شاهه تي 5 هزار روپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو آهي،2022 ۾ درخواست گذار سيد عطا شاهه اڳوڻي انفارميشن سيڪريٽري خلاف ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو،عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار صفدر علي شاهه کي سزا ٻڌائي










