ڪوٽا وارو ڀاڻ ٻاهر نه وڃي، اسملنگ ۾ ملوث ڊيلرن جا لائسنس رد ڪريو

ڪوٽا وارو ڀاڻ ٻاهر نه وڃي، اسملنگ ۾ ملوث ڊيلرن جا لائسنس رد ڪريو

گهوٽڪي (ن س)ضلعي گهوٽڪي کي مليل ڀاڻ جي ڪوٽا ٻاهر منتقل نه ٿيڻ گهرجي، اسملنگ ۾ ملوث ڊيلرن جا لائسن رد ڪرايا ويندا، اوٻاوڙو ٽول پلازا تي چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ جو حڪم، زراعت کاتي جي عملدارن کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جون هدايتون جاري. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ بابت هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، زراعت کاتي جي آفيسرن، ڀاڻ ڪارخانن جي نمائندن سميت آبادگارن ۽ ڊيلرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي جا ڊيلر ڀاڻ ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪندا رهيا آهن جنهن سبب هتي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت قبول نه ڪئي ويندي، هن چيو ته ضلعي جي ڪوٽا ٻاهر منتقل ڪرڻ ڪنهن ڏوهه کان گهٽ ناهي، اهڙي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث ڊيلرن جا لائسن رد ڪرايا ويندا. هن ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته اوٻاوڙو ٽول پلازا وٽ چيڪ پوسٽ قائم ڪئي وڃي، انوائس ۽ بلٽي جو جائزو وٺڻ بغير ڪنهن به گاڏي کي نه ڇڏيو وڃي جڏهن ته ضلعي جي سمورن ڊيلرن کي پابند بڻايو وڃي ته هو اوپن ڪائونٽر تحت ڀاڻ وڪرو ڪن ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو عذر قبول نه ڪيو ويندو. هن ڀاڻ ڪارخانن جي نمائندن کي چيو ته ڊسمبر ۽ جنوري دوران ضلعي گهوٽڪي کي ڀاڻ جي اضافي ڪوٽا فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هتان جي آبادگارن جون مشڪلاتون گهٽجي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو