ڪورونا جو هاڻوڪو ويرينٽ اڳئين کان وڌيڪ خطرناڪ ناهي: سعد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز جو چوڻ آهي ته ڪرونا وائرس جو هاڻوڪو نسخو اڳئين قسم کان وڌيڪ خطرناڪ ناهي،هن اها ڳالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت تائين انفلوئنزا ڪيس بابت ڪا به ڄاڻ ناهي ملي،هن چيو ته اسان ڪورونا وائرس بابت ٽيسٽون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،نگران صحت واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جا 2 نوان ڪيس ٻاهرين ملڪ مان پاڪستان آيا آهن،ڊاڪٽر سعد خالد نياز جو اهو به چوڻ آهي ته ايئرپورٽ تي ٽيسٽون وڌايون وينديون، ڪورونا ۾ اڳ به احتياطي اپاءَ ورتا ويا هئا، هاڻي به اهي ئي قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو