ڪورنگي ۾ ڏوهارين جي گهر ۾ گهري فائرنگ، ماءُ ڌيءُ قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ابراهيم حيدري ۾ ڏوهاري گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي. جنهن ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ مارجي ويون. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پئي ۽ لاش اسپتال کڻائي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار 3 ڇوڪرا آيا هئا. جن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. پوليس موجب مارجي ويل عورتن جي سڄاڻپ 22 ورهين جي ريما ۽ 50 ورهين جي ممتاز جي نالي سان ٿي آهي. ٻئي پاسي مقتولڻ عورت جي ٻي ڌي جو بيان آهي ته گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪندڙن کي پوليس جو يونيفارم پهريل هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو