ڪورنگي ڪاز وي تي پوليس مقابلو، 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس جي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي اهلڪارن ڪورنگي ڪاز وي تي مقابلي بعد 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون.ايس آءِ يو جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ جنيد شيخ موجب مقابلي ۾ جوابدار عرفان، ڪاشف لاشاري، ضمير ۽ وحيد زخمي ٿي پيا، جن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن جي قبضي مان 4 پستول ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.جنيد شيخ ٻڌايو ته جوابدارن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بئنڪن مان رقم ڦرڻ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته جوابدارن 2021ع جي آخر ۾ مدينه ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ بئنڪ مان نقد رقم کڻي وڃي رهي هيڊ ڪانسٽيبل ظهير کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو. ايس آءِ يو جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ جنيد شيخ جو به چوڻ آهي ته جوابدارن کان جاچ دوران وڌيڪ انڪشافن جي اميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو