ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ يرغمالين جي بازيابي لاءِ آپريشن

ڪنڌڪوٽ (ن س)ڪنڌڪوٽ ۾ ڪچي واري علائقي مان 12 مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو ويو.ايس ايس پي موجب آپريشن ۾ پوليس جا 800 کان وڌيڪ اسپيشل ڪمانڊوز، اهلڪارن، آفيسرن ۽ 6 بکتربند گاڏين شرڪت ڪئي، ڪچي جي داخلي ۽ خارجي رستن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي موجب پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مختلف هنڌن تي فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، پوليس جوابدارن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي.پوليس موجب سمورن يرغمالين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو