ڪميشن جي فيصلي سان ڏک ٿيو، پلان بي موجود آهي: گوهر

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ڏک ٿيو اسان وٽ پلان بي موجود آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن بابت فيصلي جي خلاف تحريڪ انصاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بيرسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو تمام گهڻو ڪمزور آهي. اهو تڪڙو فيصلو آهي جنهن جي لاءِ اسان عدالت وينداسين. هن چيو ته اهڙي فيصلي سان اسان کي ڏک پهتو آهي، اسان وٽ پلان بي به موجود آهي.هن چيو ته اسان پنهنجن اميدوارن کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان محفوظ ڪيل فيصلو گذريل ڏينهن ٻڌايو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجون چونڊون پارٽي جي آئين موجب نه ڪرايون آهن. پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس ورتو ويو آهي. فيصلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو