ڪمرن ۾ ويهي سياست ڪندڙ خوش آهن ته چونڊون نه ٿينديون !

سکر (ن س) پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو آهي ته چونڊون هر حال ۾ ٿينديون پر ڪمرن ۾ ويهي سياست ڪندڙ خوش فهمي ۾ آهن ته چونڊون نه ٿينديون.سکر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اسان عوامي ماڻهو آهيون، عوامي سياست ڪندا آهيون، پليٽيليٽس گهٽجڻ تي ملڪ مان ڀڄي ناهيون ويندا، ڀٽو عوام کي حقن جي جنگ وڙهڻ سيکاري آهي. هن چيو ته مارشل لا ۾ ملڪ جا ٻه ٽڪرا ڪيا ويا، چاليهه سال حڪومت ڪندڙ جنرل پنهنجا ڪارناما ٻڌائين ته انهن ملڪ جون ڪهڙيون خدمتون ڪيون. سندس چوڻ هو ته ٻين جي جنگ ۾ هڪ ڪروڙ افغاني پاڪستان ۾ داخل ٿيا، چاليهه سالن ۾ 17 سئو ارب ڊالر افغانين تي خرچ ڪيا ويا، پ پ اقتدار لاءِ نه خدمت لاءِ حڪومت ٺاهيندي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو