بي اين اي ڪمانڊر70ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل

پشاور(ويب ڊيسڪ)پابندي مڙهيل بلوچ نيشنل آرمي جي اڳوڻي ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي 70 ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بي اين اي جي اڳوڻي ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي انڪشاف ڪيو ته ڀارت بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ لاءِ فنڊنگ ڪندو آهي، منشيات، ماڻهن کي اغوا ڪيو ويندو آهي.پابندي مڙهيل تنظيم جي اڳوڻي ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو بلوچ مائرن، ڀينرن ۽ بلوچ نوجوانن کي رياست خلاف ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، عورتن کي به جنگ ۾ ڌڪيو پيو وڃي.هن چيو ته منهنجي قوم ۽ پنهنجي ڌرتي کان پري رهڻ افسوس کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، مان هتي اچي خوش آهيان،باقي اهي به انتظار ۾ آهن ته رياست سندن استقبال ڪندي،سرفراز بنگلزئي چيو ته نقصان ڪافي ٿي ويا آهن، والدين کي به پيغام آهي ته ٻارن کي اهڙي ماحول کان پري رکن، بندوق مسئلن جو حل ناهي، والدين کي گهرجي ته ٻارن کي تعليم ڏين،ان موقعي تي بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو ته بي اين اي ڪمانڊر 70 ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويو آهي، رياست بغاوت ڇڏي واپس اچڻ وارن کي ڀليڪار ڪندي. بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير چيو ته غلط فهميون ۽ خال ختم ٿيڻ گهرجن، پاڪستان جي ترقي جو رستو بلوچستان مان وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو