ڪشمير ۾ فوجي گاڏي کڏ ۾ ڪرڻ سبب 4 شهيد 4 زخمي

راولپنڊي (ويب ديسڪ) آزاد ڪشمير جي علائقي ليسوا ۾ فوج جي ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس جي گاڏي کڏ ۾ ڪرڻ سبب 4 فوجي اهلڪار شهيد ۽ هڪ سويلين ڊرائيور سميت 4 فوجي زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب نيلم وادي جي علائقي ليسوا ۾ موڙ ڪٽيندي گاڏي کڏ ۾ ڪري پئي. زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ياد رهي ته فوج اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي مقرر ڪئي وئي هئي جيڪا 24 کان 26 تائين ڪشمير ۾ رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو