ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻوختم

ڪشمور (ن س) ڪشمور ۾ پوليس ۽ حڪومت ۾ ڪامياب ڳالهين ۽ يرغمالين جي بازيابي جي خاطري بعد هندو برادري 4 ڏينهن وارو ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.نگران صوبائي گهرو وزير حارث نواز سان يرغمال ٿيلن جي وارثن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ نگران صوبائي گهرو وزير ايس ايس پي ڪشمور سان گڏ ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون.نگران گهرو وزير جي ترجمان موجب ڌرڻو ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ ختم ڪيو ويو.هندو برادري به سڀاڻي کان 4 ڏينهن لاءِ بند ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 4 ڏينهن کان بند انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي. نيشنل هاءِ وي ببلو تي به ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهو پرامن طور منتشر ٿي ويا. نگران گهرو وزير يرغمالين جي جلد بازيابي ۽ جوابدارن کي 48 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو