ڪشمور ڌرڻو،مغوين جي بازيابي لاءِ مهلت طلب،فوجي آپريشن جي گهر

ڪراچي /ڪشمور/ڪنڌڪوٽ(نمائندن وٽان) نينگر جئي ديپ ڪمار، مکي جگديش ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين جي اغوا خلاف هندو پنچائت جي سڏ تي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، ٽنهي صوبن ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل آهي،مظاهرين ڳالهين لاءِ پهتل ايس ايس پي امجد شيخ کي موٽائي ڇڏيو، ايس ايس پي امجد شيخ 24 ڪلاڪن جي مهلت گهرندي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن احتجاج ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ايس ايس پي امجد شيخ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري سان گڏ ٻيهر ڌرڻي ۾ پهتو، 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏيڻ ۽ روڊ کولڻ جي اپيل ڪئي ڌرڻي ۾ موجود دوست محمد مزاري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري پاران به ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي پر هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ ڌرڻي ۾شامل ٻين ماڻهن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان ٻيهر به انڪار ڪري ڇڏيو مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ به شٽربند هڙتال آهي، شهرين مک چوڪ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته ڌرڻي ۾ تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين به شرڪت ڪئي آهي بخشاپور، ڪرمپور ۽ بڊاڻي ۾ به بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابيءَ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين ڪچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو….جماعت اسلامي سنڌ ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ ۾ امن جي بحاليءَ، سمورن مغوين جي بازيابي ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي سميت ڏوھارين توڙي مقامي سرپرستن خلاف بي رحم آپريشن جي گھر ڪندي چيو آھي تہ ڪرپٽ حڪومت توڙي ظالم ڀوتارن کا ڪنھن خير جي اميد فضول آھي جن ڀوتارن پورا پنج سال اسمبلي ۾ عوام جي ڏکن ڏولاون تي ڪونہ ڳالھايو ھاڻي وري ڪھڙا تير ھڻندا. عوام کي متحرڪ ۽ متحد ٿي ظلم خلاف آواز بلند ۽ حق حاصل ڪرڻا پوندا. ڪشمور ڪنڌڪوٽ، ڪراچي ۾ ان سلسلي ۾ ڌرڻا عوامي سڄاڳي جو ثبوت آھي .جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا جو ديرا موڙ ڪشمور ۾ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چوڻ ھو تہ ڪورٽ سڳوري درست ريمارڪس ڏنا آهن تہ صرف ڏھن وڏن ڀوتارن کي گرفتار ڪريو تہ سمورا ڌاڙيل پنھنجو پاڻ پوليس وٽ پيش ٿيندا ڇوتہ اھي ظالم ڀوتار نٿا گھرن تہ ھتي امن امان ۽ عوام ڪو سک جو ساھ کڻي. مغوين جي بازيابي تہ ان شاءالله يقيني آھي پر عوامي بيداري بنگلن ۽ ٿڌن ڪمرن ۾ ويھڻ وارن کي بہ ٻاھر نڪرڻ ۽ آٿت ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي

پهنجو تبصرو موڪليو