ڪشمور (ن س )سنڌ جي ضلعي ڪشمور ۾ پوليس مقابلي بعد مغوي کي بازياب ڪرايو آهي.ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو موجب ڳوٺ دراني مهر ۾ پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو.هن ٻڌايو ته ڪشمور پوليس 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل ساگر ڪمار کي بازياب ڪرايو آهي.ساگر ڪمار جي بازيابي تي ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمير روحل کوسو جو هندو برادري پاران شاندار استقبال ڪيو ويو.










